پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي 18 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
خيبر پختونخواهه جي 27 ضلعن ۾ 9 پوليو روڪ مهم بابت انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
دستاويز موجب پوليو روڪ مهم ۾ مجموعي طور تي 56 لک 86 هزار ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويا.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته 18 هزار کان وڌيڪ والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو.
دستاويز موجب پشاور ۾ سڀ کان وڌيڪ 8 هزار 672 والدين ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو.
Prev Post
You might also like