ممبئي (ويب ڊيسڪ ) غلطي انسان کان ٿيندي آهي پر وڏو انسان اُهو آهي جيڪو پنهنجي غلطي مڃي ۽ ضرورت پوڻ تي ان تي معافي پڻ گهري، اهڙي ئي وڏپڻي جو مظاهرو بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن به ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اميتاڀ بچن سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن سان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مراٺي لفظ جي غلط اُچار تي معافي گهري ورتي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ بِگ بي پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هو ممبئيءَ جي روڊن تي گند ڪچرو نه اُڇلائڻ جي هدايت ڪندي نظر آيو، وڊيو ۾ هن مراٺيءَ ۾ چيو ته ” مي ڪچرا ڪرنا نهين“ يعني مان ڪچرو نه ڪندس.
وڊيو کي سوشل ميڊيا تي لکين لائڪس ۽ ويوز مليا، پر اميتاڀ بچن کي پوءِ وڊيو ۾ پنهنجي غلط اُچار جو احساس ٿيو.
جنهن تي هن انسٽاگرام تي هڪ ٻي وڊيو شيئر ڪئي ۽ پنهنجي غلطي سڌاريندي مداحن کان معافي گهري ورتي.
وڊيو ۾ اميتاڀ بچن چيو ته ويجهڙائي ۾ هن هڪ وڊيو ٺاهي هئي ته ” مان ڪچرو نه ڪندس“، ساڳو جملو مراٺيءَ ۾ پڻ ورجايو ته هو، پر ” ڪچرا “ لفظ جو سندس اُچار غلط هو.
اداڪار وڌيڪ چيو ته سندس دوست سديش ڀوسلي کيس ٻڌايو ته مون غلط لفظ ڳالهايو آهي، مون هاڻي اِهو لفظ سکي ورتو آهي انڪري صحيح اُچار لاءِ ٻيهر وڊيو ٺاهي رهيو آهيان.
You might also like