لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته پرويز مشرف جو مارشل لا موجوده حڪومت کان گهڻو بهتر هو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته حڪومت جيڪو بل آڻڻ چاهي ٿي، اهو آئيني تدفين جو بل آهي، هن حڪومت کان ته پرويز مشرف جو مارشل لا جو دور بهتر هو.
هن چيو ته آئيني ترميمن جي مسودي تي پردو رکيو ويو آهي، جيڪو خطرناڪ آهي، پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي شيون خطرناڪ حد تائين وڌي رهيون آهن، بلوچستان جون حالتون سٺيون ناهن.
سندس چوڻ هو ته 63 اي کي ختم ڪيو پيو وڃي، آئيني ترميمن لاءِ ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، مان مولانا فضل الرحمان جو ٿورائتو آهيان، جنهن آواز اٿاريو.
Next Post
You might also like