ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش مسعود تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش مسعود کي تبديل ڪري اي آءِ جي محمد نويد کي ايس ايس پي انويسٽيگيشن مقرر ڪيو ويو.
ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش مسعود کي تبديل ڪيو ويو، ايس اينڊ جي اي ڊي طرفان انوش مسعود جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب انوش مسعود کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ايس اينڊ جي اي ڊي جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي انويسٽيگيشن کي فوري طور رليز ڪيو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي اي آءِ جي محمد نويد کي مقرر ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر انوش هڪ سال تائين ايس ايس پي جي عهدي تي رهي ۽ 9 مئي واقعن کانپوءِ گرفتارين تي پي ٽي آءِ اڳواڻن جي تنقيد جي ور چڙهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.