ڪمينڊو مينڊس سعود شڪيل جو عالمي رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

گال (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا جي اسٽار بيٽر ڪمينڊو مينڊس ٽيسٽ ڪرڪييٽ ۾ ڀارت جي ليجنڊ سنيل گواسڪر کي پوئتي ڇڏيندي پاڪستان جي نوجوان بيٽر سعود شڪيل جو عالمي رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا جي شهر گال ۾ نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعاتي ميچن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪمينڊو مينڊس ٽيم جي ٻڌندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏنو.
مينڊس پنهنجي ستين ٽيسٽ ميچ ۾ پُراعتماد بيٽنگ ڪئي ۽ 173 بالن تي 11 چوڪن جي مدد سان 114 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم کي وڏي تباهي کان بچائيندي عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو.
گال ٽيسٽ ۾ مينڊس سينچري اسڪور ڪري پنهنجي ست ٽيسٽ ميچن ففٽي يا ان کان وڏي اننگز کيڏڻ جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو جڏهن ته گواسڪر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ان کان اڳ گذريل سال پاڪستان جي نوجوان بيٽر سعود شڪيل ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ ۾ پنهنجي شروعاتي ست ميچن دوران هر ميچ ۾ ففٽي يا ان کان وڏي اننگز کيڏڻ جو رڪارڊ ٺاهيو هو.
سعود شڪيل کان اڳ ڀارت جي سنيل گواسڪر، ويسٽ انڊيز جي باسل بوچر ۽ نيوزيلينڊ جي بيرٽ اسٽڪليف پنهنجي شروعاتي ڇهن ٽيسٽ ميچن جي هر اننگز ۾ ففٽي يا ان کان وڏي اننگز کيڏي هئي.
سريلنڪن بيٽر ڪمينڊو مينڊس پنهنجي شروعاتي ست ميچن جي 11 اننگز ۾ چئن سينچرين ۽ چئن ففٽين جي مدد سان اٺ سئو نوَ رنسون ٺاهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.