اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت جي خاتمي جي گيم شروع ٿي وئي، ايندڙ 45 ڏينهن ۾ حڪومت ختم ٿيندي نظر ايندي.
پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان کي ورهايو ويو آهي، علم ۽ عقل جو مقابلو علم ۽ عقل وارا ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته حڪومت جون سموريون پاليسيون ڏاڍ تي آهن، ائين ملڪ ناهن هلندا، اهي روز ڪنهن نه ڪنهن کي ٽڪر هڻندا آهن، حڪومتي گروهه وڃي سپريم ڪورٽ کي ٽڪر هنيو آهي.
سندس چوڻ هو ته بلاول وڪٽري ٺاهي نڪتو هو، هاڻ چئي رهيو آهي ته اسان کي ترميمن جي خبر ناهي، ترميمون پاس ڪري ڇڏيو پر پڙهندو ڪوئي نه، سڄي خرابي چونڊ نتيجا نه مڃڻ سبب پيدا ٿي.
فواد چوڌري چيو آئيني ترميم جو رڳو هڪ ئي مقصد آهي ته ملڪ ۾ نئون پي سي او لڳايو وڃي، پرويز مشرف جيڪو افتخار چوڌري ذريعي ڪيو، هي پارليامينٽ ذريعي ڪرڻ چاهين ٿا.
You might also like