نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار ۽ گلوڪار دلجيت دوسانجهه جي نئين دهلي ۾ رٿيل ڪنسرٽ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي عورت مداح قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، دلجيت دوسانجهه مئي کان جولاءِ دوران اتر آمريڪا ۾ ”دل لوميناٽي“ نالي ٽور ڪيو ۽ ڪيئي شهرن ۾ ڪنسرٽ ڪيا.
دلجيت جو 26 آڪٽوبر تي ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي جواهر لال نهرو اسٽيڊيم ۾ ڪنسرٽ شيڊيول آهي جنهن جون ٽڪيٽون هڪ منٽ ۾ ئي وڪرو ٿي ويون .
رپورٽس موجب، دلجيت جي عورت مداح ٽڪيٽ نه ملڻ تي گلوڪار کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنسرٽ جي ٽڪيٽ آن لائين وڪرو لاءِ ٻارنهن سپٽيمبر جي منجهند هڪ وڳي جو وقت ڏنو ويو هو پر شو انتظاميا اِهو 12 لڳي 59 منٽن تي آن لائين ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو ۽ هڪ منٽ اندر ئي سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون .
رپورٽ موجب، دهلي سان واسطو رکندڙ عورت مداح ڌيما جڏهن هڪ وڳي ويب سائيٽ کولي ته شو جون سڀ ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون هيون ۽ سندس اڪائونٽ مان پئسا پڻ ڪٽيا ويا هئا پر هڪ منٽ پهريان ئي ٽڪيٽون وڪرو ٿيڻ جو چئي رقم واپس ڪئي وئي.
عورت مداح قانوني نوٽيس ۾ دلجيت ۽ شو انتظاميا تي ٽڪيٽ بليڪ ڪرن ۽ واهپيدارن جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.
ياد رهي ته دلجيت دوسانجهه اتر آمريڪا جي ڪنسرٽس مان ٻه سئو چوٽيهه ڪروڙ ڀارتي رُپيا ڪمائي چڪو آهي.
You might also like