لبنان ۾ پيجر ڌماڪن جي ٻئي ڏينهن واڪي ٽاڪي ڌماڪا، 3 ڄڻا مارجي ويا

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي تخت گاهه بيروت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب اڄ ٿيندڙ ڌماڪا حزب الله جي استعمال هيٺ واڪي ٽاڪي سيٽس ۾ ٿيا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪا گذريل ڏينهن پيجر ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي جنازن دوران ٿيا.
رپورٽن موجب ڪيترن ئي گهرن ۾ به ڌماڪن جا اطلاع وصول ٿيا آهن ۽ ڌماڪن جي نتيجن ۾ گهرن ۽ گاڏين ۾ باهه لڳي وئي آهي.
لبنان جي سرڪاري ميڊيا ڌماڪن ۾ 3 ڄڻا مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب 100 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.