ڪراچي ۾ 700 ايڪڙ ايراضي تي نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جو منصوبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو، جنهن لاءِ 700 ايڪڙ ايراضي به رکي وئي آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي ۽ ان جي قيام لاءِ 700 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي ايراضي ئي نئين اسٽيل ملز لاءِ رکي وئي آهي، ڇو ته موجوده اسٽيل ملز جي ايراضي تي نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.
حڪومت روس جي سهڪار سان نئين اسٽيل ملز قائم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ روس جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير پاڪستان جي صنعت واري وزير سان نئين اسٽيل ملز جي قيام تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
روسي نائب وزير پنهنجي حڪومت ۾ اعليٰ سطح تي نئين اسٽيل ملز جي تجويز پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جون 2015 کان بند آهي ۽ ان جي نجڪاري جون تجويزون به ڪيترائي ڀيرا پيش ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.