گهر ۾ موجود ڪِولين ۽ لال بيگن کي ڀڄائڻ جا سولا طريقا

سيارو هجي يا گرمي، گهرن ۾ ڪولين ۽ لال بيگن سميت ٻيا به ڪيترائي جيت موجود هوندا آهن، جنهن سان پريشاني ٿيندي آهي.

جيڪڏهن توهان به انهن مان پريشان آهيو ته اسان جي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيو.

لال بيگ ڀڄائڻ جو طريقو

لال بيگ کي ڀڄائڻ لاءِ چئن ليمن کي ڌوئي انهن کي کلن سميت بلينڊر ۾ وجهي اڌ گلاس پاڻي شامل ڪيو ۽ بلينڊ ڪيو.

پوءِ ان ۾ بيڪنگ پائوڊر شامل ڪيو ته توهان جو لال بيگن کي ڀڄائڻ وارو جوس تيار آهي، هاڻ ائين ڪيو جو جتي به توهان کي لال بيگ نظر اچن اتي ان سان اسپري ڪري ڇڏيو، سڀئي لال بيگ ڀڄي ويندا.

ڪوِليون ۽ ٻيا جيت ڀڄائڻ جو طريقو

ڪوليون ته ڪٿان به نڪري اينديون آهن، تنهن ڪري توهان هڪ ليمي جا ٻه اڌ ڪيو ۽ ان جي رس ڪڍي خالي ليمن ۾ ڪارا مرچ ٻُرڪي ڇڏيو، پوءِ ان جاءِ تي رکو جتي توهان کي ڪوليون نظر اچن، توهان جي گهر مان ڪولين جو به خاتمو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.