پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر رونالڊو جي نالي سان جاري ٿيندڙ سڪي ۾ خاص ڇا آهي؟

پرتگال سان واسطو رکندڙ ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جنهن پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران ڪيئي ڪارناما انجام ڏنا هاڻ هو هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ وارو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پرتگال پنج دفعا بيلن ڊي اور ايوارڊ کٽيندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪرنسي سڪو جاري ڪندو.
پرتگال پنهنجي عظيم فٽبالر رونالڊو جي اعزاز ۾ ” 7 يورو “ جو سڪو جاري ڪرڻ وارو آهي، ان خاص سڪي تي رونالڊو جي تصوير ۽ سندس شرٽ نمبر ” سِي آر سيون “ اُڪريل هوندو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر ۾ نوَ سئو گول اسڪور ڪندڙ دنيا جو اڪيلو فٽبالر جو اعزاز حاصل ڪيو .
رونالڊو پرتگال طرفان کيڏندي 131 گول ( جيڪي ڪنهن به رانديگر جا سڀ کان وڌيڪ عالمي گولز آهن) ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.