لزبن (ويب ڊيسڪ) پرتگال جي ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه وسائڻ لاءِ اسپين ۽ مراڪش کان مدد طلب ڪئي وئي آهي.
تخت گاهه لزبن مان سول پروٽيڪشن اٿارٽي موجب ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سبب آويرو ۽ ويزيو جي ضلعن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
لزبن مان خابرو ايجنسي ٻڌايو ته اولهه يورپي ملڪ پرتگال ۾ باهه سان ڪيترائي گهر تباهه ۽ هزارين ايڪڙن تي موجود ٻيلا سڙي ويا.
5 هزار کان وڌيڪ فائر فائيٽرز ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پرتگال جي حڪومت سڀني متاثر علائقن ۾ هنگامي حالت جو اعلان ڪيو آهي.
You might also like