سڀني اولهه جمهوريتن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن: فاروق ايڇ نائيڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته جيتريون به اولهه جمهوريتون آهن، اتي آئيني عدالتون موجود آهن.
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ اجلاس کي خطاب ڪندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو اسان کي گهرجي ته سٺو پروپوزل کڻي اچون، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ لکيو ويو هو ته آئيني عدالتون هجڻ گهرجن، چارٽر آف ڊيموڪريسي تي نواز شريف ۽ محترمه شهيد صحيحون ڪيون هيون.
هن تجويز ڏني ته حڪومت پنهنجو ڊرافٽ ڏئي ۽ اسان هڪ ڪميٽي ٿا ٺاهيون، جيتريون به اولهه جمهوريتون آهن اتي آئيني عدالتون موجود آهن، اسان کي اها سٺي شئي ضايع نه ڪرڻ گهرجي، 1973 ۾ گڏيل طور تي آئين ۾ ترميم ٿي هئي.
سندس چوڻ هو ته آئيني عدالت وقت جي ضرورت آهي، مصر ۽ انڊونيشيا ۾ آئيني عدالتون موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.