اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني ترميمن تي حڪومت جو مسودو مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر جي رهائشگاهه تي مانجهاندي کانپوءِ صحافين سان گفتگو ڪندي فضل الرحمان چيو اهي چئي رهيا آهن ته مسودو اسان جو نه هو، جيڪو مسودو اڳ ۾ فراهم ڪيو ويو اها ڇا راند هئي؟ مطالعي کانپوءِ اهو مسودو ڪنهن به ريت قبولڻ جوڳو نه هو، ان جو ساٿ ڏيڻ قوم سان وڏي خيانت هوندي.
واضح رهي ته اسد قيصر گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي کيس مانجهاندي جي دعوت ڏني هئي.
You might also like