اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جي مقرري ۾ اپوزيشن جي عدم دلچسپي تي حڪومت عبوري چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حڪومت طرفان ٻن خطن باوجود اپوزيشن پي اي سي چيئرمين لاءِ نالا نه موڪليا.
ن ليگ جي چيف وهپ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته بهترين عوامي مفاد ۾ اهو عهدو گهڻي دير تائين خلي نٿو رکي سگهجي، پي اي سي چيئرمين لاءِ اليڪشن ايندڙ هڪ يا ٻه ڏينهن ۾ ٿي ويندي.
هن چيو ته اپوزيشن کي پي اي سي چيئرمين لاءِ ٻه خط لکيا ويا، خطن ۾ چيو ويو ته اپوزيشن 4 ميمبرن تي ٻڌل پئنل موڪلي، اڃا تائين خطن جو هاڪاري جواب نه ڏنو ويو.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن حڪومتي ميمبر کي پي اي سي چيئرمين چونڊيو ويندو، حڪومتي چيئرمين هڪ عارضي بندوبست لاءِ چونڊيو ويندو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ اپوزيشن جي امانت آهي، جڏهن ته اپوزيشن نالا موڪليا ته عبوري چيئرمين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.
طارق فضل چوڌري چيو ته نئين اليڪشن ذريعي اپوزيشن جو چيئرمين چونڊيو ويندو، پي اي سي اجلاس ۽ چيئرمين جي چونڊ اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نٿي ڪري سگهجي.
You might also like