حڪومت جو پنجن سالن دوران پنج لک گهر ٺاهڻ جو اعلان، طريقيڪار واضح

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجن سالن دوران پنج لک گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو پندرنهون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽن ميگا پروجيڪٽس” پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر “ ” چيف منسٽر گرين ٽريڪٽر“ ۽ ” چلڊرن هارٽ سرجري پروگرام “ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته غيرقانوني هٿيارن ۽ لغر اُڏائڻ جي سزائون ۽ ڏنڊ وڌايو ويو آهي.
اجلاس ۾ پبلڪ اينڊ پرائيويٽ سيڪٽر ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي لاءِ ايم ڊي ڪيٽ پاليسي، صوبي جي پهرين پنجاب لائين انشورنس ڪمپني جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پلاٽ جي ملڪيتي پيپز ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي تي هائوسنگ لون جاري ٿيندو، پندرنهن لک رپيا قرض وٺندڙ کي نوَ سالن دوران 14 هزار ماهوار قسط ادا ڪرڻي پوندي.
وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي هدايت تي لوننگ اسڪيم کي ريوالنگ فنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ عوام کان واڌو چارجز نه اوڳاڙيا ويندا.
مريم نواز چيو ته عوام لاءِ سولايون پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، پنج سالن دوران پنج لک گهر ٺاهينداسين، پنجاب جي آبادگارن کي ٽيهه هزار ٽريڪٽر ڏيڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.