رومانوي فلم ” تم بن “ بابت اهم خبر اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور فلم ” تم بن “ ويهه سپٽيمبر تي ٻيهر وڏي پردي تي رليز لاءِ تيار آهي.
اِها فلم پهريون ڀيرو 13 جولاءِ 2001 تي رليز ڪئي وئي هئي جيڪا انوڀوَ سنها ڊائريڪٽ ۽ ڀوشن ڪمار ۽ ڪرشن ڪمار پرڊيوس ڪئي هئي.
فلم ۾ پريانشُ چيٽرجي، سندلي سنها، همانشو ملڪ ۽ راڪيش بپت مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا، فلم جي ڪهاڻي محبت، پڇتاءَ ميلاپ تي آڌرايل آهي، جيڪا پنهنجي دِل ڇُهندڙ پلاٽ ۽ جذباتي موسيقي سبب ناظرين جي دلين ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿي.
فلم جي ٻيهر رليز نه رڳو پراڻن فلمي پرستارن لاءِ پر نئين نسل لاءِ به هڪ اهم موقعو هوندو جو هو رومانوي داستان کي وڏي پردي تي ٻيهر ڏسي سگهندا.
فلم جي موسيقي به تمام گهڻو مشهور ماڻي هئي، جيڪا نکل وني ڪمپوز ڪئي هئي ۽ ٻول فائز انور لکيا هئا،فلم جا گيت سونو نگم، انوراڌا پوڊوال، جگجيت سنگهه ۽ ٻين مشهور راڳين آواز ۾ رڪارڊ ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.