اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي وارو معاملو، نيب وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڊپٽي چيئرمين نيب سهيل ناصر چيو آهي ته اسيمبلي ميمبرن خلاف گمنام ۽ جعلي نالن سان درخواستن تي ڪارروائي نه ڪئي ويندي.
پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان سان ڊپٽي چيئرمين نيب سهيل ناصر ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڊي جي نيب لاهور امجد ميجد اولک موجود هيو.
ڊپٽي چيئرمين نيب گورنر پنجاب سردار سليم حيدر کي احتساب سهولت سيل ( اي ايف سي ) تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪنهن سان به زيادتي ٿيندي نه ئي ڪنهن جي عزت نفس مجروح ڪئي ويندي.
ڊپٽي چيئرمين نيب چيو ته ڪنهن به صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر خلاف داخل شڪايت کي احستاب سهولت سيل ۾ اسڪروٽني لاءِ ريفر ڪيو ويندو.
اِهو سيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن خلاف نيب کي ملندڙ شڪايتن تي شروعاتي اسڪروٽني ڪندو، جڏهن ته نيب ڪنهن به ايم پي اي خلاف ملندڙ شڪايتن تي ڊائريڪٽ ڊيل نه ڪندو، سيل ابتدائي جاچ کانپوءِ ڄاڻايل شڪايتون اسپيڪر ذريعي نيب ڏانهن واپس اُماڻيندو.
ڊپٽي چيئرمين نيب اعلان ڪيو ته نيب اڳتي ڪنهن به اسيمبلي ميمبر خلاف گمنام ۽ جعلي نالن سان داخل درخواستن تي ڪارروائي نه ڪندو، غلط ۽ بي بنياد درخواست تي درخواست ڏيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.