جڏهن به ڪرڪيٽ جي ڳالهه ٿيندي ته روايتي مخالف پاڪ-ڀارت جو ذڪر ضرور ايندو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دلين جي ڌڙڪنن کي تيز ڪري ڇڏيندڙ مقابلن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جا رانديگر پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندي هڪٻئي خلاف سخت مخالف طور سامهون ايندا آهن پر ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا رانديگر هاڻ ڪيئي ورهين کانپوءِ هڪ ئي ٽيم ۾ گڏ کيڏندي نظر ايندا؟
ٿورو سوچيو ڪرڪيٽ پرستارن لاءِ اِهو لمحو ڪيترو نه يادگار هوندو جڏهن پاڪستان جو بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ ڀارت جو ويرات ڪوهلي ۽ جسپريت بمرا هڪ ئي ٽيم طرفان کيڏندا.
ان حوالي سان هڪ خوشخبري آهي ته ڪرڪيٽ شوقينن جو پاڪ-ڀارت رانديگرن هڪ ئي ٽيم طرفان کيڏڻ جو خواب جلد پورو ٿي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ هڪ هم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ته ماضيءَ جي مشهورڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ ” افرو ايشيا ڪپ “ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪرڻ بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن.
جيڪڏهن ڪنهن کي خبر ناهي ته افرو ايشيا ڪپ ڇا آهي ته انهن ٻڌائيندا هلون ته سال 2005 ۽ 2007 ۾ اِها ٽورنامينٽ کيڏي وئي هئي جنهن ۾ ٻه ٽيمون( ايشيا اليون ۽ آفريڪا اليون ) شامل هيون.
ايشيا اليون جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا سميت ايشين ٽيمن جا ڪرڪيٽرز شامل هئا ۽ آفريڪا اليون ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي، ڪينيا ۽ پاڙيسري ملڪن جي رانديگرن تي ٻڌل هئي.
ميگا ايونٽ جي ٻن ڪامياب ايڊيشنز کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب اِها ٽورنامينٽ جاري نه رهي سگهي.
2008 جي ممبئي حملن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپا بري طرح متاثر ڪيا ۽ اِهو ئي سبب آهي جو ٻئي ملڪ گڏيل سيريز به ناهن کيڏندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هلندڙ سال ڊسمبر ۾ جئه شاهه جي آءِ سي سي جي نئين چيئرمين بڻجڻ سان گڏ افرو ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ کي ٻيهر شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، امڪاني ايفرو ايشيا ڪپ جو نئون سيزن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيو ويندو.
جيڪڏهن اِها ٽورنامينٽ ٻيهر شروع ٿي ته امڪاني طور تي 2025 ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا کي اهڙا منظر ڏسڻ جو موقعو ملندو جيڪي پهريان نظر ناهن آيا.
جيڪڏهن ٽورنامينٽ ٻيهر شروع ٿي ته شوقينن کي پاڪستان ۽ ڀارت جا رانديگر هڪ ٽيم ۾ کيڏندي نظر ايندا ۽ وري امڪاني طور تي بابر ۽ ڪوهليءَ کي مداح هڪ ٽيم ۾ کيڏندي ڏسي سگهندا.
ياد رهي ته 2005 ۾ پهرئين افرو ايشيا ڪپ جي ايشين اليون ۾ وريندر سهواگ، شاهد آفريدي، محمد يوسف، عبدالرزاق، ڪمار سنگاڪارا، مهيلا جئه ورڌني، انضمام الحق ۽ اشيش نِهرا سميت ڪيئي مشهور ايشيائي ڪرڪيٽرز شامل هئا.
You might also like