جاپان ۾ 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين جو انگ رڪارڊ سطح تي پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تازي حڪومتي انگن اکرن موجب جاپان ۾ 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين جو انگ رڪارڊ 3 ڪروڙ 62 لک 50 هزار ٿي ويو آهي.
انگن اکرن موجب هن وقت جاپان جي ڪل آبادي جو 29.3 سيڪڙو حصو 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪا هيل تائين جي بلند ترين سطح آهي.
جاپاني حڪومت جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پوڙهن ماڻهن جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.
You might also like