لاهور (ويب ڊيسڪ) 12 ربيع الاول تي موبائل فون سروس بند هوندي يا نه؟ ان حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عيد ميلاد النبي صه جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين، سيڪيورٽي جا سخت انتظاميا ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته اطلاعن موجب موبائل فون سروس بند ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو، حڪومت انٽيليجنس رپورٽ موجب فيصلو ڪندي آهي، پنجاب جي وڏن علائقن ۾ موبائل فون سروس جي بندش جو ڪو اطلاع ناهي.
واضح رهي ته عيد ميلاد النبي صه سڀاڻي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي.
You might also like