جپان ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو جتي هڪ همراهه کي انڪري گرفتار ڪيو ويو ته هو پنهنجي زال کي ڏينهن ۾ سئو ڀيرا ڪال ڪندو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 38 ورهين جي جپاني شهري کي ويجهڙئاي ۾ پنهنجي زال کي ڏينهن ۾ سئو ڀيرا ڪال ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جپان جي شهر اماگاساڪي جي رهواسي عورت پنهنجي مڙس جي شڪايت کڻي پوليس ٿاڻي تي پهچي وئي.
عورت دعويٰ ڪئي ته هو کيس روز سئو کان وڌيڪ ڀيرا اڻڄاتل نمبرن تان ڪالز ڪندو آهي هو ايترا ڀيرا ڪال ڪندو آهي جو نيٺ مجبورن فون بند ڪرڻي پوندي آهي.
رپورٽس موجب، 31 ورهين جي عورت کي شروع ۾ اڻڄاتل همراهه طرفان ڪالز اچڻ لڳيون جنهن ۾ ڪال ڪندڙ تيستائين چپ رهندو هو جيستائين عورت مايوسي ٿي فون بند نه ڪندي هئي، جڏهن اِهو معاملو ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو ته عورت بيزار ٿي وئي.
عورت موجب، ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ۾ درجني ۽ ڪيئي ڀيرا سئو کان وڌيڪ ڪالز اينديون هيون پر هڪ رات جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس جي فون تي وڊيو گيمز کيڏي رهي هئي تڏهن عورت کي خيال آيو ته جڏهن هوءَ مڙس سان گڏ هوندي آهي ته
کيس ڪا به فون ناهي ايندي، اِهو سوچي ٻئي ڏينهن عورت شڪ جي بنياد تي پوليس کي آگاهه ڪيو ۽ نيٺ پوليس ثبوت گڏ ڪرڻ کانپوءِ سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.
جڏهن عورت جي مڙس کان پوليس پڇاڻو ڪيو ته هن پنهنجي گهرواري کي ڪالز ذريعي هڪ مهيني تائين ڇو هراسان ڪيو؟ جنهن تي همراهه جواب ڏيندي چيو ته هو پنهنجي گهرواريءَ سان پيار ڪري ٿو انڪري بنا ڪجهه چوڻ جي کيس فون ڪندو هو.
You might also like