آگرا ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر آگرا ۾ هڪ عورت شادي جي اٽڪل هڪ مهيني کانپوءِ ئي طلاق جو مطالبو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، تازو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ ڪنوار طرفان طلاق جو مطالبو ڪيو ويو ڇو ته سندس مڙس صفائي سٿرائي جو خيال نٿو رکي ۽ روز نٿو وهنجي.
عورت جي بيان موجب، راجيش نالي همراهه، مهيني ۾ رڳو هڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا وهنجندو آهي جنهن سبب سندس جسم مان ڌپ ايندي آهي جيڪا سندس زال برداشت نٿي ڪري سگي، شاديءَ جي چاليهه ڏينهن کانپوءِ عورت شادي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بيان موجب، راجيش هفتي ۾ هڪ ڀير گنگا( گنگا جل ) جي پاڻي سان وهنجندو آهي جنهن کي هندومت مقدس سمجهيو ويندو آهي، پر شادي کانپوءِ هن پنهنجي زال جي زور ڀرڻ سبب چاليهه ڏينهن ۾ ڇهه ڀيرا غسل ڪيو.
عورت طلاق جي درخواست ڏيڻ کانپوءِ پيڪين وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته عورت جي والدين پاران به ڏاج جو سامان واپس وٺڻ لاءِ پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي.
You might also like