” مرحوم عامر لياقت کي آمريڪا ۾ ڏٺو“ اداڪار ياسر حسين جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين انڪشاف ڪيو آهي ته هن مرحوم مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان عامر لياقت کي پنهنجي خواب ۾ ڏٺو آهي.
ياسر حسين ويجهڙائي ۾ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس سوال ڪيو ته تازو ئي ڏٺل ڪو اهڙو خواب ٻڌايو جيڪو اوهان کي ياد هجي؟
ان سوال جي جواب ۾ ياسر چيو ته هن ڪالهه ئي عامر لياقت کي خواب ۾ ڏٺو آهي، خواب ۾ ڏٺو ته عامر لياقت آمريڪا ۾ هڪ خوبصورت گهر ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ رهي رهيو آهي.
اداڪار وڌيڪ چيو ته ان گهر جي حوالي سان بس ايتري ڄاڻ آهي ته اِهو خوبصورت هو، اِها خبر ناهي ته اِهو آمريڪا جي ڪهڙي علائقي ۾ آهي جڏهن ته عامر لياقت کي خواب ۾ شلوار قميض ۾ پهريل هئي.
واضح رهي ته عامر لياقت جون 2022 ۾ 49 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو، هن ٽي شاديون ڪيون، جن ۾ ڊاڪٽر سيده بشريٰ، سيده طوبيٰ ۽ دانيا ملڪ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.