گووندا جي مداح هڪ وزير جي ڌيءَ سندس گهر ۾ نوڪر بڻجي وئي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار گووندا ارجن آهوجا عرف گووندا جي گهرواري انڪشاف ڪيو آهي سندس مڙس جي هڪ ديواني مداح نوڪرياڻي بڻجي گهر ۾ ويهه ڏينهن تائين ٽڪي پئي هئي.
ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو دوران سُنيتا مڙس جي مداحن جي ڊگهي فهرست بابت تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪهڙن مختلف طريقن سان پنهنجي پسنديدا اداڪار سان رابطي ۽ پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو سڀ حدون اورانگهي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته گووندا جي مداحن جو اِهو حال آهي جو هڪ ڀيرو هڪ مداح جيڪا هڪ وزير جي ڌيءَ هئي اُها ويهه ڏينهن تائين سندن گهر ۾ ٽڪي پئي هئي.
سنيتا دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڀيرو هڪ عورت پنهنجي شڪل صورت تبديل ڪئي سندن گهر اچي نڪتي، پاڻ کي نوڪرياڻي ظاهر ڪيو، مون سوچيو ته هيءَ عورت نوڪرياڻي ته نٿي لڳي ۽ کيس ٿانوَ ڌوئڻ به نٿا اچن، پنهنجي سس کي ٻڌايو ۽ سندس بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس، نيٺ پتو پيو ته هو ڪنهن وزير جي ڌيءَ ۽ گووندا جي مداح هئي.
گووندا جي گهر واري وڌيڪ چيو ته اِها ڇوڪري گووندا لاءِ جاڳندي رهندي هئي، پوءِ هڪ ڏينهن هن روئيندي اعتراف ڪيو ته هوءَ گووندا جي تمام وڏي مداح آهي، پوءِ سندس پيءَ سياستدانن جون چار گاڏيون ساڻ ڪري اسان جي گهر پهتو ۽ کيس پاڻ سان وٺي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.