سوشل ميڊيا ڪمپني ميٽا جي سي اِي او مارڪ زڪربرگ پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو.
ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران مارڪ زڪربرگ پنهنجي ڪيريئر بابت ڪيئي انڪشاف ڪيا، انٽرويو دوران زڪربرگ پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي غلطي جو اعتراف ڪندي چيو ته سندس ڪيريئر جي سڀ کان وڏي غلطي ” غلط سياسي حساب ڪتاب “ هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مارڪ زڪربرگ جو اشارو شايد 2016 واري آمريڪي چونڊن کانپوءِ حاصل ٿيل نتيجن طرف هو جنهن دوران فيسبوڪ تي وڏي پئماني تي غلط ڄاڻ پکيڙڻ جو الزام مڙهيو ويو هو.
زڪربرگ جو خيال آهي ته جن غلطين جو نتيجو فيسبوڪ ڀوڳيو اِها سندس پنهنجي غلطي نه هئي پر پردي پٺيان فيسبوڪ کي اهڙن مسئلن بابت وڌيڪ ڄاڻ هئڻ گهرجي ها جنهن جي هن ذميواري قبول ڪئي هئي.
هن اعتراف ڪيو ته جيتوڻيڪ فيسبوڪ تي ٿيندڙ تنقيد گهڻي قدر درست آهي پر ڪجهه تنقيدون سياسي ايجنڊائن تحت ٿينديون آهن.
You might also like