پوپٽ سمگل ڪرڻ تي اٽلي جي ٻن شهرين تي ڳرو ڏنڊ

سريلنڪا ۾ اٽلي جي ٻن شهرين تي پوپٽ سمگل ڪرڻ جي الزام وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اٽلي سان واسطو رکندڙ ٻه شهري موڪلون ملهائڻ سريلنڪا آيا هئا، جتي هنن بنا اجازت جي پوپٽن کي پڪڙيو.
ميڊيا رپورٽن موجب انهن ٻنهي سياحن سريلنڪا جي يالا نيشنل سفاري پارڪ مان 92 قسمن جي پوپٽن سميت سوين مقامي جيتن کي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سفاري پارڪ ۾ موجود اهلڪارن ٻڌايو ته هنن 68 ورهين جي لوگي ۽ سندس 28 ورهين جي پٽ کي مختلف ٿانون ۾ موجود 300 کان وڌيڪ جيتن سان گڏ پڪڙيو، جيڪي مري چڪا هئا.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته اٽلي جي شهرين پوپٽ ۽ جيت پڪڙي انهن کي ڪيميائي طور محفوظ رکڻ جو منصوبو جوڙيو هو.
رپورٽن موجب سيپٽمبر جي شروعات ۾ کين جيت غير قانوني طور گڏ ڪرڻ، ذخيرو ڪرڻ ۽ چرپر جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي ۽ مٿن ٻه لک سريلنڪن رپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.