ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان به شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني تان هٽائڻ ۽ بابر اعظم کي ٻيهر قيادت سونپڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ بيان ۾ معين خان چيو ته شاهين آفريدي کي رڳو هڪ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي بنياد تي ڪپتاني تان هٽائڻ” غير منصفاڻو“ عمل هو کيس وڌيڪ وڌيڪ ڏيڻ گهرجي ها.
هن چيو ته شاهين آفريدي ٽيم کي ليڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هو مختصر ترين فارميٽ ڪپتاني لاءِ بهترين آپشن هو .
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ون ڊي لاءِ شاهين جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي ڪپتان بڻائي سگهجي پيو هڪ سيريز جي بنياد تي ڪپتان هٽائڻ ناانصافي آهي پوءِ اوهان ان مان سٺي ڪارڪردگي جي اميد ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟
معين خان چيو ته ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس جو هڪ ڪپتان مقرر ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ان رانديگر جي ٽئي فارميٽ کيڏڻ ۽ پرفارم ڪرڻ ضروري آهي، بورڊ جنهن کي به ڪپتان بڻائي تنهن کي وقت ڏئي.