اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن جي وضاحتي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو ردعمل سامهون اچي ويو.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اهو تاثر درست ناهي ته بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين تسليم ڪيو ويو، ڇو ته سياسي جماعت جي انٽرا پارٽي اليڪشن جو معاملو اڃا تائين اليڪشن ڪميشن ۾ غور هيٺ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن تي ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن اهو معاملو جلد کان جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سياسي جماعت هر هر دير جا حربا استعمال ڪيا.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته 12 جولاءِ جي فيصلي ۾ ڪو شڪ شبهو ناهي، سپريم ڪورٽ جو 12 جولاءِ جو شارٽ آرڊر واضح آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور ڏکيو بڻايو آهي.
وضاحتي بيان ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا هوندا، اليڪشن ڪميشن بئريسٽر گوهر کي تحريڪ انصاف چيئرمين تسليم ڪري چڪي آهي، ان کانپوءِ پنهنجي موقف تان نٿي ڦري سگهي.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فيصلي تي فوري طور عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو وضاحت گهرڻ حقيقت ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي.
You might also like