اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڊيوٽي جج طاهر عباس سپرا سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ شعيب شاهين جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت منظوري ڪري ورتي.
اي ٽي سي ڪورٽ شعيب شاهين جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، جنهن جو لکت ۾ حڪمنامو پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
عدالتي حڪمنامي موجب، شعيب شاهين تي سنگجاني ۾ جلسي دوران ڀڃڪڙين تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، اسلام آباد انتظاميا جلسو مقرر وقت تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر تحريڪِ انصاف مقرر وقت ۾ جلسو ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
عدالتي حڪم موجب، ڪيس تحت شعيب شاهين تي پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪرڻ،پوليس اهلڪارن کي پستول جي بٽ سان تشدد جو نشانو بڻائڻ جو الزام آهي پر رڪارڊ موجب شعيب شاهين وٽان پستول يا ڏنڊو هٿ ناهي آيو.
You might also like