هجوم ۾ بيٺل همراهه کي چماٽ ڇو هنئي؟ ايشا ديول سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اِيشا ديول انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ماضيءَ ۾ اڻوڻندڙ طريقي سان ڇُهڻ تي هجوم ۾ بيٺل شخص کي چماٽ وهائي چڪي آهي.
ويجهڙ ۾ ڀارت جي هڪ ٽي وي شو دوران ايشا ديول ماضيءَ جو هو قصو ٻڌائيندي چيو ته هوءَ 2005ع ۾ پوني ۾” دس “ فلم جي پريميئر واري تقريب موجود هئي جتي سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ هڪ همراهه هجوم مان اچي کيس اڻوڻندڙ انداز ۾ هٿ لاتو جنهن جي جواب ۾ هن ان همراهه کي پهريان رش مان ٻاهر ڪڍيو پوءِ چماٽ وهائي ڪڍي.
ايشا ديول چيوته جيتوڻيڪ هوءَ جذباتي نه آهي پر جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪم ڪندو جيڪو سندس برادشت کان ٻاهر هوندو ته ڪنٽرول وڃائي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.