ڊبليو ايڇ او پاران منڪي پاڪس جي پهرين ويڪسين جي منظوري

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) منڪي پاڪس جي پهرين ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڊبليو ايڇ او منڪي پاڪس جي پهرين ويڪسين ايم وي اي، بي اين جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ منڪي پاڪس جي ويڪسين 18 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي چئن هفتن جي فرق سان ٻن خوراڪن ۾ ڏني ويندي.
ميڊيا رپورٽس موجب، منظور ٿيل ويڪسين وائرس خلاف هڪ خوراڪ کانپوءِ 76 سيڪڙو ۽ ٻي خوراڪ کانپوءِ 82 سيڪڙو اثرائتي آهي.
واضح رهي ته صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏئي چڪو آهي.
ڊبليو ايڇ او موجب، مانڪي پاڪس 121 ملڪن ۾ پکڙي چڪو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال پنڪي پاڪس سبب فوتگين جو انگ پنج ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.