اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪالهه عمران خان توهينِ عدالت ڪئي ۽ آرمي چيف تي الزام مڙهيا آهن، جيڪڏهن اِهو بيان عمران خان ڏنو آهي ته آئين تحت کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته ڏکڻ پنجاب جي تنظيم کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، ڏکڻ پنجاب ووٽ جي طاقت سان ڄمي ڪوڙ جو مقابلو ڪيو، اسان جهموريت ۽ پارليامينٽ کي فعال ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇا هارائڻ واري پنهنجي شڪست قبولڻ لاءِ تيار آهن؟ جهموريت کي اڳتي وٺي هلڻو آهي ته عوام جي فيصلي تي اعتماد ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستاني عوام هن وقت سازش ۽ گارگند سان ناهي بيٺو، پاڪستان جو عوام هن وقت قيدي نمبر اٺ سئو چار سان ناهي بيٺو، اِهي ماڻهو هارائيندا آهن ۽ اتحادي پارٽيون کٽي وينديون آهن، ڪالهه رات پوري پاڪستان ان همراهه جو بيان پڙهيو آهي ان همراهه سياست چمڪائڻ ۽ رليف وٺڻ لاءِ آئيني ادارن تي حملا ڪيا آهن پي ٽي آءِ جاچ ڪري ته ڇا واقعي خان( عمران خان ) جو بيان آهي يا نه؟
هن چيو ته ڪالهه تائين اسان هاڪاري رخ ۾ وڃي رهيا هئاسين ان شخص جهموريت تي حملو ڪيو آهي، ان شخص توهينِ عدالت ڪئي آهي ۽ آرمي چيف تي الزام مڙهيا آهن، جيڪڏهن خان بيان ڏنو آهي ته کيس آئين تحت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، خان صاحب ۽ سندس پارٽي لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا جيڪڏهن اِهو بيان هن ناهي ڏنو ته اپوزيشن ليڊر وضاحت ڏئي؟
بلاول ڀٽو چيو ته ڇا اِهو ٽوئيٽر اڪائونٽ علي امين يا شير افضل هلائي رهيا هئا؟ اِها مشق بي اعتمادي واري ڏينهن کان هلي رهي آهي؟ آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊي جي آءِ ايس آءِ طور موجودا آرمي چيف جنرل عاصم منير پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪرپشن پڪڙي هئي پر ڪرپشن تي ايڪشن بدران تڏوهڪي وزيراعظم عمران خان اينٽيلجنس چيف ئي تبديل ڪري ڇڏيو هو.
پ پ چيئرمين چيو ته ڪجهه اداري ۾ موجود ماڻهن ۽ ڪجهه سياسي ماڻهن سازش شروع ڪئي، پهريون حملو بي اعتمادي کي رد ڪرڻ هو، ٻيو حملو آرمي چيف جي مقرريءَ کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ هو، ٽيون حملو آرمي چيف جي منصب ۽ مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ هو.
سندس چوڻ هو ته فارم 45 ۽ 47 جي پروپئگنڊا تي به تمام وڏي ڪهاڻي سامهون اچڻ واري آهي، سازش تحت اليڪشن کي به متاثر ڪرڻو هو، جڏهن سازش وائکي ٿيندي ته جواب ڏيڻو پوندو.
You might also like