دنيا کي متحد ڪرڻ لاءِ انصاف ۽ برابري ضروري آهي : وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ مسلمانن جون تڪليفون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهن.
گڏيل قومن جي سمٽ آف دي فيوچر جي پهرئين ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته دنيا کي متحد ڪرڻ لاءِ انصاف ۽ برابري ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ مسلمانن جون تڪليفون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نين عالمي چئلينجن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان دنيا ورهائجڻ جو خطرو آهي، جٽادار ترقي جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي معاشي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن.
هن چيو ته معاشي طور ڪمزور ملڪن تي قرضن جو بار، معاشي ورهاڱو، عدم برداشت، دهشتگردي، غير قانوني قبضا ۽ غربت ۾ اضافو عالمي اتحاد ۾ رنڊڪ آهن.
سندس چوڻ هو ته جٽادار ترقي جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي معاشي ڍانچي جا سڌرا ضروري آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رعايتي قرض، ترقياتي مدد ۽ ترقياتي بئنڪن کان قرضن ۾ اضافو معاشي طور ڪمزورملڪن ۾ جٽادار ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته عالمي برادري کي ترقياتي سيڙپڪاري جي ديد طريقن بابت سوچڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي ۾ جدت ترقي جي ضمانت آهي، هر شخص خاص ڪري دنيا جي ڏاکڻين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي تائين برابري واري پهچ تمام گهڻي اهم آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دنيا کي ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کان محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.