گنڊا پور ٻه نمبر ماڻهو آهي، سڄي رات ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ معافيون وٺندو رهيو: خواجا آصف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف طرفان پارليامينٽ جي ڪارروائي بابت خاص ڪميٽي جي ميمبرشپ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اعتراض جي نقطي تي ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي پارليامينٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي لڳي ٿو ته خاص ڪميٽي پي ٽي آءِ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي، هو ڪميٽي جو حصو رهڻ نه ٿو چاهي.
هن چيو ته خاص ڪميٽي جي اجلاس ۾ گرفتارين بابت روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، اها ڪميٽي رڳو ايوان جو تقدس بحال ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، هن پنهنجي پارٽي کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪميٽي جو حصو نه ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪو ساڻن ۽ خاندانن سان ڪيو ويو تنهن وقت ياد نه هو، نواز شريف ۽ مريم نواز سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو تنهن جو مثال نه ٿو ملي.
خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ نيب چيئرمين کي جهڙي نموني استعمال ڪيو تنهن جو مثال نه ٿو ملي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي زيادتين جو ذڪر ضرور ڪري پر پنهنجي چئن سالن جي دور جي ڪاررواين جي مذمت ڪري.
سندس چوڻ هو ته علي امين گنڊا پور سڄي رات ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ معافيون وٺندو رهيو، هو نه ٿا ڇڇن پر تحريڪ انصاف وارا پاڻ پڇن ته سڄي رات ڇاڪندو رهيو، گنڊا پور ٻه نمبرماڻهو آهي، مٿس اعتبار نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.