بئريسٽر گوهر جي خواجا آصف کي وارننگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خواجا آصف کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته جڏهن ڳالهايو ته جواب ٻڌڻ جي جرئت به رکو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسيمبليءَ جي فلور تي پوائنٽ آف آرڊر نه مليو انڪري هتي ڳالهائي رهيا آهيون.
هن بچاءَ واري وزير کي خبردار ڪندي چيو ته خواجا آصف پنهنجي ٻولي سڌاري ۽ هِٽ فگر نه بڻجي، جڏهن ڳالهايو ته جواب ٻڌڻ جيتري جرئت به رکو، اسان دل تي پٿر رکي پارليامينٽ ۾ ويٺا آهيون.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪالهه اسپيشل ڪميٽي ۾ اسان چيو ته خورشيد شاهه کي چيئرمين بڻايو ويو، اسان مخالف ڌر ۾ آهيون اسان مان ڪو چيئرمين بڻايو وڃي ها، ڪميٽي پنجويهه ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري ٿي.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته مان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي به چئي چڪو آهيان ته مُدي ۾ واڌ نه وٺي، اسان جي لاءِ سمورا جج احترام لائق آهن پر ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري معاملي تي ٽرينڊ سيٽ ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.