مريض موبائل هلائيندو رهيو ۽ ڊاڪٽرن ”برين ٽيومر“ جو آپريشن ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽرن مريض کي بي هوش ڪرڻ بنا دماغ مان ٽيومر ڪڍڻ جو ڪامياب آپريشن مڪمل ڪري ورتو.
اهو آپريشن ڀارت جي شهر لکنئو ۾ ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن مريض کي موبائل فون استعمال ڪرڻ لاءِ ڏني ۽ ان ئي دوران دماغ جو آپريشن ڪري ٽيومر ڪڍي ڇڏيو.
رپورٽن موجب ڊاڪٽرن ان عمل لاءِ Awake Craniotomy جي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي، جنهن تحت مريض کي بيهوش ناهي ڪيو ويندو ۽ هو مڪمل طور هوش حواس ۾ هوندو آهي، ڊاڪٽرن 56 ورهين جي هريش چندر جو ان ئي ٽيڪنڪ سان ڪامياب آپريشن ڪيو.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هريش ڪجهه ڏينهن اڳ مٿي ۾ سور ۽ ٻانهن سميت ڄنگهه ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي هئي.ا
رپورٽ موجب مريض ۾ برين ٽيومر جي سڃاڻپ ٿي ۽ ڊاڪٽرن فوري طور سندس آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران مريض کي بنيادي انيسٿيسيا ڏنو ويو پر هو موبائل استعمال ڪرڻ سان گڏ ڄنگهه به لوڏي پئي سگهيو.
اهو ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن مريض جو دماغ حرڪت ۾ رهي ۽ احتياط سان ٽيومر کي ڪڍيو وڃي، ان ٽيڪنڪ جي استعمال سان مريض جي دماغ جون رڳون خراب ٿيڻ جو خدشو گهٽجي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.