نعيما بٽ جي فهد مصطفيٰ کي وارننگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪاميابي جا نوان رڪارڊ ٺاهيندڙ ڊراما سيريل ”ڪڀي مين ڪڀي تم“ ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا نعيما بٽ عرف ”رباب “ فهد مصطفيٰ کي خبردار ڪري ڇڏيو.
جيڪڏهن اوهان به پاڪستاني ڊرامن جا شوقين آهيو ته اڄڪلهه ٽيلي ويزن تي ڌم مچائيندڙ سيريل ڪڀي مين ڪڀي تم ته ضرور ڏڍو هوندو.
ڊگهي عرصي کانپوءِ ڊرامن ۾ واپسي ڪندڙ اداڪار فهد مصطفيٰ عرف ”مصطفيٰ “ ۽ هانيا عامر عرف ” شرجينا “ جي آن اسڪرين جوڙي کي جتي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي اتي ڊرامي ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪندڙ جوڙي عديل ۽ رباب به مداحن جي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيا آهن.
شرجينا جي شاديءَ مصطفيٰ جي وڏي ڀاءَ عديل سان طئي ٿي هئي جيڪو بزنس مين آهي، سموريون تياريون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شادي کان هڪ ڏينهن اڳ عديل شرجينا سان شادي لاءِ رڳو انڪري انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته کيس ڪمپني جي مالڪ جي اڪيلي ڌيءَ رباب شادي جي آڇ ڪئي هئي.
ڪهاڻي ۾ ان وقت دلچسپ موڙ آيو جڏهن شرجينا کي اپنائڻ لاءِ مصطفيٰ نه رڳو حامي ڀري پر سندس محبت ۽ عزت لاءِ پنهنجي گهر وارن جي خلاف به کڙو ٿي ويو .
تازي ايپيسوڊ ۾ رباب، پنهنجي ڏير مصطفيٰ ۽ شرجينا تي لکين رپين جي چوري جو الزام لڳائيندي نظر آئي جنهن کانپووءِ گهر جي وڏي جاويد شيخ پنهنجي ئي پٽ کي چوري جي الزام ۾ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.
ان منظر جتي ڏسندڙن کي جذباتي ڪري ڇڏيو اتي رباب عرف نعيما اصل زندگيءَ ۾ به فهد مصطفيٰ کي خبردار ڪندي سڀني جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.
سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرم تي نعيما بٽ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ساٿي اداڪار فهد سان سيلفي وٺندي خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ڊرامي جي سيٽ تان تصويرون جاري ڪندي اداڪارا ڪيپشن ۾ چماٽ وارو ايموجي لڳائيندي لکيو ته ” اڳتي نه چئجانءِ ته وچ ۾ نه ڳالهايو، باءِ “
نعيما بٽ جي پوسٽ کي سوشل ميڊيا واهپيدار تمام گهڻو ساراهي رهيا آهن جڏهن ته ڊرامي جي ڪردار لاءِ فهد کي رباب سان تصوير ڪڍرائيندي ۽ موج مستي ڪندي مداح کين محتاط رهڻ جو به مشورو ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.