پاڪستان آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن حڪومت طرفان کنيل قدمن جي تائيد ڪندي چيو آهي ته 25 سيپٽمبر تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ قرض پروگرام جي منظوري ڏئي سگهجي ٿي.
پاڪستان آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ڇو ته 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي قرض پروگرام جي منظوري کي به ايجنڊا جو حصو بڻايو ويو آهي.
ان ڳالهه جي تصديق آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جوليا ڪوزيڪ ڪئي ۽ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 25 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ نئين قرض پروگرام جي منظوري جو امڪان آهي.
جوليا ڪوزيڪ موجب پاڪستان سان ڳالهيون جولاءِ ۾ مڪمل ٿي ويون هيون، جنهن ۾ 7 ارب ڊالرن جي نئين قرض پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.