دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيف ايگزيڪٽيو جيف ايلارڊائس تصديق ڪئي آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 کي پاڪستان مان منتقل ڪرڻ جو في الحال ڪو منصوبو نه آهي.
وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪوٺايل ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي جيف ايلارڊائس ٽورنامينٽ جي ميزبان بابت اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ سي سي ايونٽس جي ڪامياب ميزباني کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سميت پنهنجي ميمبر ملڪن جا باقاعده دورا ڪندو رهندو آهيان.
آءِ سي سي چيف ايگزيڪٽيو خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪا به ٽيم پاڪستان ۾ ٽورنامينٽ کيڏڻ تي ٻڏتر جو شڪار ناهي، سموريون ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ پرعزم آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان جي ٽن شهرن، ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ ۾ 2023 واري ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ٽاپ 8 موجود ٽيمون حصو وٺنديون، جنهن ۾ ميزبان پاڪستان سميت، ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان شامل آهن.
Prev Post
You might also like