افغان بورڊ بي سي سي آءِ خلاف ڏنل بيان تان ڦري ويو، ڪارڻ به سامهون اچي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت جي نوائيڊا اسٽيڊيم بابت ڏنل پنهنجي بيان تان ڦري ويو .
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي بورڊ سان بهتر لاڳاپن لاءِ پنهنجي بيان تي يوٽرن ورتو آهي.
افغان بورڊ جي هڪ عملدار نوائيڊا ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ سهولتن جي کوٽ تي بي سي سي آءِ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو هو جڏهن ته هاڻ افغان ڪرڪيٽ بورڊ جا وينيو جي حوالي سان ٻه تڪراري بيان سامهون آيا آهن، جنهن ۾ مستقبل ۾ نوائيڊا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي چونڊ کي رد ڪرڻ واري بيان کي غلط ۽ ڀارتي بورڊ طرفان ٻن وينيوز جي انڪار وارا الزام به واپس ورتا ويا آهن.
افغان بورڊ جي آفيشل جو چوڻ هو ته نوائيڊا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ڀيٽ ۾ افغانستان ۾ موجود گرائونڊن ۾ بهتر سهولتون آهن، لکنئو ۽ ديرادون اسٽيڊيم بابت اسان جي تجويز رد ڪئي وئي هئي، اسان کي چيو ويو ته في الحال نوائيڊا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم دستياب آهي.
پر هاڻ اي سي بي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مئنيجر منهاج الدين ناز موجب، گرائونڊ اختيارين ڏاڍي محنت ڪئي آهي، ڪو ٻيو سينٽر به هجي ها ته بروقت تيار ڪرڻ ۾ ايتري ئي مشڪل پيش اچي ها.
هن چيو ته اسان بئنگلورو ۽ ڪانپور جي ڀيٽ ۾ نوائيڊا جي چونڊ ڪئي، لاجسٽڪ سبب اسان لاءِ هي وينيو بهترين آپشن هو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۽ افغانستان وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ آئوٽ فيلڊ خراب هئڻ سبب نوائيڊا ۾ ٽئين ڏينهن به راند نه ٿي سگهي، پاڻي جي نيڪال واري سسٽم جي ناقص سهولتن سبب نوائيڊا اسٽيڊيم انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.