اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ڪو ذاتي اختلاف نه آهي پر جيڪو هن ڪيو ۽ اسان به اِهو ئي ڪنداسين ته سڀاڻي اوهان ۽ اسان به جيل ۾ هونداسين.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ سياسي کي گار بڻايو ويو آهي پر اسان کي ان ئي سياست ذريعي نوجوانن کي روزگار ۽ معاشي انصاف ڏيارڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻاهر جيڪا سياست ڪريون ٿا اِها اسان جي مرض آهي پر ايوان ۾ اسان جي هڪ ذميواري آهي ڇو ته پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي، جيڪڏهن اوهان ڪنهن اسيمبليءَ جا ميمبر آهيو ته اوهان جي سياسي پنهنجي جاءِ تي پر اوهان کي ورڪنگ ريليشنشپ رکڻي آهي، آئين جي حڪمراني کانسواءِ ڪو به ادارو نه هلي سگهندو.
هن چيو ته وفاق ۾ مسلم ليگ نون ۽ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ اسان جي حڪومت آهي، حڪومت جي معاشي پاليسي تي تنقيد ڪندو پيو اچان، مختلف اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو آهيان، سياسي اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿي پر اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آهي، مخصوص لابي ڪڏهن به نه چاهيندي ته اتفاق راءِ قائم ٿئي.
پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ باني ماحول خراب ڪري ڇڏيو هو، اوهان به اِهو ئي ڪندئو جيڪو عمران خان ڪيو ته سڀاڻي اوهان ۽ اسان به جيل ۾ هونداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ذاتي اختلاف ناهي، ان ڳالهه سان فرق نه ٿو پوي ته ڪنهن منهنجي پيءَ يا منهنجي ماءُ کي جيل ۾ وڌو، اوهان جو ليڊر ڪجهه عرصي لاءِ جيل ۾ آهي ڪو فرق نه ٿو پوي، سندس ڪيس ميرٽ تي وڙهو، ميثاقِ جهموريت جي ٻئي ڏينهن کي سازشون شروع ٿيون، افتخار چوڌري جي ذريعي سازش ڪئي وئي.
هن چيو ته هڪ سينيئر سياستدان استعيفيٰ ڏني جنهن تي انتهائي افسوس ٿيو، مينگل صاحب جي فيصلي جو احترام آهي پر مايوسي ٿي، مينگل صاحب کي ايوان ۾ هجڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ ميمبر اچن، ڪميٽيون نه ڇڏين، اوهان ته هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهيو جيڪڏهن ائين ئي هلڻو آهي ته ٺيڪ آهي.
بلاول وڌيڪ چيو ته اسپيڪر کي درخواست آهي ته پهريان ايوان کي فعال ڪريو پوءِ ملڪ کي ڪنداسين، پي ڊي ايم حڪومت ۾ به پي ٽي آءِ کي چيو هو ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون نه ڇڏيو اِهو سندن پنهنجو ضد هو .
You might also like