اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پينشن بم بڻجي وئي آهي، ان کي روڪڻو پوندو، ان لاءِ جلد پينشن سڌارن تي قانونسازي ڪئي ويندي، سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي لاءِ به فنانسنگ جي ضرورت آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاهي چاڙهي ايندي رهندي آهي، گذريل سال اسان جي بچت زراعت جي شعبي مان آئي، جنهن ۾ 6 سيڪڙو جي واڌ هئي، ننڍن هارين جي فنانسنگ وڌيڪ ٿيڻ گهرجي،