لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيمن جي ڪپتانن جي تبديلي جا امڪان ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.
ويجهڙائي وارن سالن دوران پاڪستان ڪرڪيٽ جو جنازو نڪري ويو آهي پر محسوس ٿئي ٿو ته ڪپتانن مٿان ٽيم جي ناڪامين جو ڏمر نه ڪرندو.
ذريعن موجب، ٻنهي فارميٽ جا ڪوچز في الحال قيادت سان هٿ چراند جي حق ۾ نه آهن ۽ کين وڌيڪ وقت ڏيڻ چاهين ٿا.
پي سي بي ذريعن موجب، ٽيسٽ فارميٽ ۾ ڪپتاني جا فرض ادا ڪندڙ شان مسعود ۽ وائيٽ بال فارميٽ ۾ ڪپتان بابر اعظم کي هٽائڻ وارن خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ۽ وائيٽ بال فارميٽ جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ٻنهي ڪپتانن کي موقعو ڏيڻ چاهين ٿا.
ڪپتاني جي حوالي سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي فيصلو ڪوچن ۽ سليڪٽرن تي ڇڏي ڏنو آهي هو جيڪو به فيصلو ڪندا اِهو پي سي بي چيئرمين قبول ڪندو.
You might also like