ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ماڊل ۽ اداڪارا ملائيڪا اروڙا جي پيءَ انيل اروڙا گهر جي ڇت تان ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پوليس جو چوڻ آهيته انيل اروڙا ممبئي جي پوش علائقي باندرا ۾ پنهنجي گهر جي ڇت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، حادثي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته آپگهات جو اصل ڪارڻ بابت پتو ناهي پئجي سگهيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، جنهن وقت انيل اروڙا آپگهات ڪيو ملائيڪا ان وقت پيءَ جي گهر موجود نه هئي، ٻئي پاسي ملائيڪا اروڙا جي اڳوڻي مڙس ارباز خان انيل اروڙا جي موت جي خبر ٻڌي سڀ کان پهرين اڳوڻي گهرواري جي گهر پهتو.
انيل اروڙا پونئيرن ۾ ٻه نياڻيون، ملائيڪا اروڙا، امريتا اروڙا ۽ بيواهه جوائس پوليڪارپ سوڳوار ڇڏيا آهن.
واضح رهي ته ملائيڪا اروڙا جي عمر 11 ورهيه هئي جڏهن ته سندس والدين ۾ عليحدگي ٿي هئي، ٻنهي ڌيئرن جي پالنا سندن ماءُ جوائس پوليڪارپ اڪيلي سر ڪئي آهي.
You might also like