سرڪاري ملازمن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت جي ملازمن لاءِ اهم خبر آهي ته فنانس ڊويزن پي اينڊ پينشن ڪميشن 2020 جي سفارش تي وفاقي ملازمن جي پينشن رولز ۾ ٽي اهم ترميمو ڪري ڇڏيون آهن.
آفيس آف ميمورنڊم موجب، زال جي وفات يا اهل نه هئڻ جي صورت ۾ باقي بچيل اهل گهرڀاتين لاءِ پينشن جو مدو وڌ کان وڌ ڏهن سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن فوتي پينشنر جو ٻار معذور هوندو ته کيس تاحيات پينشن ملندي، اهل ٻار جي صورت ۾ عام طور تي فيملي پينشن ڏهن سالن تائين يا ٻار جي عمر 21 سال ٿيڻ تائين ملندي آهي.
اسپيشل فيملي پينشن ۾ ڪيل ترميم تحت پينشن وصول ڪندڙ زال جي وفات يا اهل نه رهڻ جي صورت ۾ گهرڀاتين کي 25 سالن تائين پينشن ملندي، جيڪڏهن پينشنر جو پٽ يا ڌيءَ معذور آهن ته اِها پينشن تاحيات هوندي.
ان کانسواءِ آرمڊ ۽ سول آرمڊ فورسز جي سمورين رينڪس لاءِ اڳواٽ موجود پينشنر لاءِ پينشن جي شرح ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، اِها پينشن اهل وارثن کي ٽرانسفر ڪري سگهبي.
ٽِين ترميم تحت رضاڪاراڻي طور رٽائرمينٽ وٺندڙ ملازمن تي پينالٽي لڳندي، نئين ترميم موجب جيڪڏهن ڪو ملازم 25 سال سروس کانپوءِ رضاڪاراڻي طور رٽائرمينٽ وٺندو ته کيس پينشن ۾ ڪٽوتي جو منهن ڏسڻو پوندو.
اهڙن ملازمن جي پينشن ۾ 3 سيڪڙو جي شرح سان ڪٽوتي ڪئي ويندي جيڪا رٽائرمينٽ واري ڏينهن سان لاڳو ٿيندي، ان تاريخ کان سٺ ورهين جي ڄمار تائين باقي بچيل سروس تي ماهوار گراس پينشن تي ٽي سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي.
ترميمن جو باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، سمورين وزارتن ۽ ڊويزنز کي ترميمن تي عملدرآمد لاءِ او ايم موڪليا ويا آهن، ترميمون فوري طور تي لاڳو هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.