اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، پشاور، لاهور، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب، زلزلي جا لوڏا منجهند ٻارنهن لڳي اٺاويهه منٽن تي محسوس ڪياويا، زلزلي جو زور 5 ڏهائي 7 ۽ اونهائي 10 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ڊي جي خان جي ويجهو هو.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته زلزلي جا لوڏا ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي کانسواءِ اتر پرديش، هريانا، ڀارتي پنجاب، والاريل ڪشمير ۾ به محسوس ڪيا ويا.
Prev Post
You might also like