پاڪستان ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ سون اگهه چوٽ چڙهي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سون اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ عالمي توڻي ملڪي سون بازارن ۾ سون جو اگهه رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 23 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 64 جزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1972 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 26 هزار 333 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 23 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 2 هزار 524 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي قيمت ۾ 13 سئو رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.