لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي گهرڀاتين کي پرڏيهي دورن تي وٺي وڃڻ تي پابندي ۽ خرچن جا تفصيل سامهون آڻڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان ايڊووڪيٽ فيصل وحيد لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، درخواست ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، چيف سليڪٽر، ٽيم مئنيجر، هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان بابر اعظم کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواست گذار پاڪستان جو شهري آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڪارڪردگي انتهائي شرمناڪ هئي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ٽيم کي سيکڙاٽ آمريڪي ٽيم هٿان به شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پي سي بي ۽ رانديگرن تي وڏو پئسو خرچ ٿي رهيو آهي، ٽيم جي شڪست تي عوام کي سخت مايوسي ٿي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ڪرڪيٽ ٽيم جي پرڏيهي دورن تي ٿيندڙ خرچن، عملدارن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن جا تفصيل طلب ڪري.
ان کانسواءِ درخواست ۾ اِهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت ڪرڪيٽرن ۽ آفيشلز تي گهر ڀاتين کي پرڏيهي دورن تي وٺي وڃڻ تي پابندي مڙهي.
You might also like