اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس دوران سينيئر سياستدان فيصل واوڊا جي تقرير دوران کيس گٿا لفظ ڳالهائڻ تي پي ٽي آءِ سينيٽر فلڪ ناز جي رڪنيت معطل ڪئي وئي.
يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس دوران فيصل واوڊا پي ٽي آءِ باني تي لفظي وار ڪيا، جنهن تي ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو.
ان دوران فلڪ ناز گٿا لفظ استعمال ڪيا ۽ چيو ته توهان جي جرئت ڪيئن ٿي اسان جي ليڊر جو نالو ٿا کڻو.
فيصل واوڊا چيو ته ڪهڙو ليڊر؟ جنهن تي فلڪ ناز گٿا لفظ ڳالهايا، پوءِ سينيٽ چيئرمين ٻن ڏينهن لاءِ سندس رڪنيت معطل ڪري اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
You might also like